سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ اسڪول مالڪ جي گهر مان 36 لک رپين جو ڌاڙو

وليد ٿاڻي جي حد ۾ رات جو دير سان اناج منڊي ويجهو آءِ بي اي کھڙو اسڪول مالڪ محمد صالح کھڙو جي گهر ۾ نامعلوم چور گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 20 تولا سون ۽ 16 لک روڪ رقم ۽ گھر ۾ پيل قيمتي سامان کڻي ويا. ان سلسلي ۾ گھر مالڪ محمد اويس کھڙي چيو ته رات جو دير سان پنج جوابدارن گهر ۾ گهڙي مونکي ۽ ٻين ڀاتين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 20 تولا سون ۽ 16 لک روڪ رقم ۽ گھر ۾ پيل ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا. اطلاع تي وليد ٿاڻي جي ايس ايڇ او دلي جان مگسي پهچي معائنو ڪري هليو ويو. هن چيو ته پوليس شهر ۾ ته ڇا پر گهرن ۾ امن سان رهڻ جو تحفظ نٿي ڏئي سگهي ته پو اهڙي پوليس ۽ انتظاميا هجڻ جو ڪهڙو فائدو آهي. هن ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل سامان ۽ رقم واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button