قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو ۽ برڪت شاهه محلي واسين واپڊا جي لائين سپرنٽينڊنٽ لعل بخش راهو جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري لائوڊ اسپيڪر کڻي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي ڪامريڊ شوڪت چانڊيو، وسيم گوپانگ، عرفان گوپانگ، مرتضى گوپانگ، غلام نبي چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر جي ڪيترن محلن جي ڊي فٽنگ ڪٽي بجلي بند ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، اهڙي شديد گرمي ۾ بجلي بند ڪرڻ سبب وڏي اذيت ۾ پئجي ويا آهيون. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته لائين سپرنٽينڊنٽ کي فوري طور تي هٽائي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close