پاڪستانسنڌ

عمر ساند ۾ ما سان گڏ ويندڙ نوجوان گولي لڳڻ سبب زخمي

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ويجھو عمر ساند ٿاڻي جي حد مين ٽنڊوالهيار-ٽنڊوآدم روڊ تي ڪوٽ غلام محمد واسي موٽرسائيڪل سوار مصطفى عاقلاڻي پنهنجي ما سان گڏ عثمان شاھه ھڙي کان ٽنڊوالهيار وڃي رهيو هو ته مٿس فائر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب مصطفى عاقلاڻي سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي سندس برادري جا ڪيترائي ماڻهو پهچي ويا. ان سلسلي ۾ زخمي ٻڌايو ته فائرنگ ڪرڻ وارو شخص شڪر مير جت واسي ڊاڪٽر ڪرم علي ميرجت آھي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڪرم علي ميرجت ٻڌايو ته آئون پنھنجي زمين تي هئس، زمين جو رولو ڪتا نقصان ڪري رھيا ھئا، جنھن تي گولي ھلائڻ وقت روڊ تان گذرندڙ مصطفى عاقلاڻي کي اتفاق سان گولي لڳي وئي، جنھن تي آئون ھر راڄوڻي ڪرڻ لا تيار آهيان. ٻئي طرف ڪامريڊ علي احمد عاقلاڻي جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ڪرم علي ڄاڻي واڻي اسان جي عزيز کي گولي هڻي مرڻينگ ڪيو آهي. هوڏانهن عمر ساند پوليس پھچي زخمي کي کڻائي سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو، جتان کس لمس اسپتال حيدرآباد نيو ويو. عمر ساند پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ شخص جي وارثن جي رضامندي سان ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button