پاڪستانسنڌ

جي يو آئي پاران ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ اميدوار بيهارڻ جو اعلان

ٽنڊوالهيار: جي يو آئي پاران ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جمعيت علما اسلام (ف) ٽنڊوالهيار جي اڳواڻن مولانا دوست محمد فاروقي، مولانا عبدالشڪور ٿيٻو، حاجي الله بخش پتافي ۽ محمد زاهد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سڄي ضلعي مان اليڪشن وڙهنداسين ۽ ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪنداسين. ماضي ۾ ايم سي تي ڪامياب ٿيندڙ ماڻهن ڪو به عوامي ڪم نه ڪيو. نه روڊ آهن، نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي، گٽر نالن جي حالت خراب آهي، جنهن ڪري عوام سخت پريشان آهي، ان ڪري جي يو آئي پاران هر سيٽ تي مخالفن سان مقابلو ڪيو ويندو. مختلف سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن پاران رابطا ڪيا پيا وڃن، جتي ضرورت پئي، اتي اتحاد ڪنداسين. ان موقعي تي مولانا صفي الله خاراني، مولانا عتيق الرحمان ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button