پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ پوليس تي ٻن نوجوانن جي آزادي لاءِ 85 لک گهرڻ جو الزام

جهڏو: جهڏو مان مبينا طور هفتو اڳ گرفتار ڪيل نينگر سميت ٻن ڄڻن جي وارث عورتن ٻارن سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سي آئي اي پوليس ميرپورخاص خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي علي ڪو هائوسنگ سوسائٽي جي رھواسي عورتن ثمرين چانڊيو، هدايت خاتون ۽ نسيمان چانڊيو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان باقر چانڊيو ۽ 12 سالن جي نينگر ممتاز چانڊيو کي هفتو اڳ سي آئي اي پوليس ميرپورخاص شهر مان ڪار سميت گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو، پوليس نوجوان ۽ نينگر کي آزاد ڪرڻ جا 85 لک رپيا شوت گهري رهي آهي، پوليس رقم نه ڏيڻ تي نينگر ۽ نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. اسان ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهيون، پوليس اسان جي ماڻهن کي بيگناهه گم ڪري ظلم ڪري پئي. هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي ماڻهن کي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button