پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ تقريب، پوزيشن هولڊر شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا

سنڌڙي: سنڌڙي ۾ گورنمينٽ هائي اسڪول ۾ ڇھين کان اٺين ڪلاس جي پوزيشن هولڊر شاگردن ۾ ايوارڊ ورھائڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ استادن، شاگردن ۽ سندن والدين شرڪت ڪئي. هيڊ ماستر اميربخش پنھور، سوڍو خان شر، نظير شر، بلال مڱريو، مير محمد ۽ ٻين استادن پوزيشن هولڊر شاگردن کي ميڊل پارائي ايوارڊ ڏنا. تقريب کي امير بخش پنھور خطاب ڪندي تعليم کي اجاگر ڪرڻ جو وچن ڪيو. تقريب ۾ عزيز ساگر، لال محمد، شاهجھان شر ۽ فيصل عزيز سميت ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button