پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت جي وزيراعظم کي پاڻي معاملي تي مداخلت جي اپيل

ڪراچي: سنڌ حڪومت وزيراعظم شهباز شريف کي پاڻي جي معاملي تي مداخلت ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ارسا 1991ع جي پاڻي معاهدي موجب سنڌ کي پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي. جنهن سبب سنڌ جا هاري ۽ آبادگار پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ڪيترائي ڀيرا وفاقي حڪومت سان معاملو اٿاريو پر صورتحال بهتر ناهي ٿي. صوبائي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف کي پاڻي جي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ کي ان جو جائز حصو ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button