پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ اين ٽي ايس پاس اُميدوارن تي لٺبازي، چڪريون، 50 گرفتار

ڪراچي/حيدرآباد: تعليم کاتي جي اختيارين سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد ڪراچي پوليس اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اُميدوارن تي ڪڙڪي پئي، ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙ اُميدوارن تي لٺبازي بعد چڪريون پڻ ٿيون، جڏهن ته پوليس 50 کان وڌيڪ اُميدوارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، اين ٽي ايس پاس اُميدوارن جو چوڻ آهي ته سال 2013 ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن، هنن چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 40 کان گهٽ مارڪون کڻندڙ اُميدوارن کي آفر ليٽر ملن ٿا پر اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ 60 مارڪون کڻندڙن نظرانداز ڪيو ويو آهي.

اُميدوارن مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو آهي. هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي ڪراچي پريس ڪلب جي اڳيان 2013 ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي آفر آڊر نه ملڻ خلاف احتجاج تي ڪيل پوليس جي لٺبازي، شيلنگ، تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته سنڌ حڪومت تشدد ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري، گرفتار ٿيلن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، پرامن احتجاج هر شهري جو آئيني حق آهي، ڪوبه ان کي روڪي نٿو سگهي، هن چيو ته چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي فورن نوٽيس وٺي 2013 اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن سان انصاف ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button