پاڪستانسنڌ

پارلياماني پارٽين سنڌ ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي سمورين پارلياماني پارٽين صوبي ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو، سليڪٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چونڊون روڪرائڻ بابت تيار ڪيل سفارشون به اليڪشن ڪميشن ڏانهن اُماڻيون ويون آهن، سنڌ حڪومت صوبي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن مطابق سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ ڪيترن ئي سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو ملتوي ڪرڻ جي درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ پهرين جون تي ڏني ويندي. درخواست بلديات واري صوبائي وزير ناصر شاهه اپوزيشن پارٽين جي اتفاق کانپوءِ جمع ڪرائيندو، اليڪشن ڪميشن کي نئين تاريخ جي حوالي سان ڪيل صلاح مشوري کان آگاهه ڪيو ويندو.

هي فيصلو سليڪٽ ڪميٽي ۾ صلاح مشوري سان ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سليڪٽ ڪميٽي جون سفارشون ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي اماڻي ڇڏيون، جنهن اهي سفارشون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايون، هلندڙ مهيني ايم ڪيو ايم پاڪستان، اي سي پي جي قانوني حيثيت کي چئلينج ڪرڻ ۽ مڪاني چونڊن کي ملتوي ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم مڪاني سيٽ اپ کي 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي به سڄي صوبي ۾ اعلان ڪيل مڪاني چوندن جي شيڊيول تي منع نامي جي درخواست داخل ڪئي هئي، جيڪا سنڌ هاءِ ڪورٽ رد ڪري ڇڏي هئي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان مڪاني چونڊن کي روڪي نٿا سگهون، جي يو آئي به چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button