پاڪستانسنڌ

مانجهند حادثي جي ذميوارن کي سزا ڏيارڻ لا پٽيشن داخل

سن: ڌرتي ڌڻي تحريڪ چيئرمين قادر چانڊيو پنهنجي وڪيلن معرفت مانجهند واقعي جي ذميوارن خلاف ڄامشورو جي عدالت ۾ قانوني پٽيشنن داخل ڪرائي ڇڏي. مانجهند ڀرسان روڊ حادثي ۾ 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي اصل قاتلن ٽريزري آفيس ڄامشورو جي اڪائونٽنٽ آفيسر گلشير لاشاري، تعلقي اسپتال مانجهند جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر نور الله لاڙڪ، ممتاز سومرو ۽ ڊي ايس پي ڪوٽڙي رياض ملڪ خلاف ڄامشورو جي سيشن ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ نثار احمد چانڊيو جي سرواڻي ۾ وڪيلن جي پئنل ذريعي درخواست داخل ڪرائڻ کانپوءِ ڌرتي ڌڻي تحريڪ چيئرمين قادر چانڊيو جو چوڻ هو ته صحت ۽ تعليم سوڌو هر ننڍي وڏي اداري جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، مانجهند ڀرسان روڊ حادثي ۾ 17 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا، انهن پورهيتن جو مک قاتل ٽريزري آفيس ڄامشورو جو اڪائونٽنٽ آفيسر گلشير لاشاري آهي، جنهن تعلقي اسپتال مانجهند جي بجيٽ مان هر ڀيري 30 سيڪڙو ڪٽوتي ڪري پيو، نتيجو اهو نڪتو جو اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند ٿي آهي ۽ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن اسپتال اندر تڙپي تڙپي دم ڏنو، اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button