پاڪستانسنڌ

ڀان ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ، شهرين جو احتجاج

ڀان سيدآباد: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي چونڊ تڪ ڀان سيدآباد ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن جي نااهلي سبب مهيني کان شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي، جنهن ڪري ميمڻ محلي، پنجاڻي محلي، چنا محلي، مينگل چوڪ، شاهي بازار، اسٽيشن روڊ، شورا محلي، جمالي ڪالوني، مهراڻ ڪالوني، شيخ ڀان، ٻگهيا ڪالوني، سخي سليمان شاهه ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ شهرين اظھر چنا، مير منظور مينگل، حاجي سولنگي، ذوالقرنين مينگل، منظور پنھور ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته ٻن ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي لا پريشان آهيون، ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو آهي، پر پبلڪ هيلٿ کاتي سميت اختيارين جي ڪن تي جون به نٿي چري. هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته ڀان سيدآباد شهر ۾ پاڻي بحران جو نوٽيس وٺي پاڻي بحران ختم ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پبلڪ هيلٿ جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر عرفان ٻوڪ چيو ته شاخن ۾ پاڻي ناهي، جنهن ڪري پير شاخ مان پاڻي فراهمي معطل آهي، اسان وٽ جيڪو پاڻي اسٽاڪ ٿيل آهي، اهو هر ٻئي ڏينهن شهر ۾ سپلائي ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button