سنڌ

گڊو بئراج وٽ ڪار ۽ وين ۾ ٽڪر سبب هڪ ڄڻو فوت، 9 زخمي

ڪشمور ويجهو گڊو بئراج مين روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ مسافر وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪشمور ويجهو گڊو بئراج وٽ مين روڊ تي ڪشمور کان صادق آباد طرف ويندڙ مسافر وين ۽ ڪشمور طرف ايندڙ ڪار ۾ اوچتو خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، ٽڪر لڳڻ سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي ڳوٺاڻن پنهجي مدد پاڻ گڊو جي خانگي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو، جڏهن ته گڊو جي واپڊا اسپتال ۾ هڪ ڄڻو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وي، فوتي جي سڃاڻپ ڪنڌڪوٽ جي ها اسڪول ٽيچر اسلام الدين خشڪ جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته سليم، جمال، ڪليم الله سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻي پاسي گڊو پوليس جو چوڻ هو ته هي واقعو کنڀڙا ٿاڻي حد ۾ پيش آيو آهي، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button