سنڌ

خانپورمهر ڀرسان اسڪول مان سولر پليٽون،پکا ۽ ٻيو سامان چوري

خانپورمهر ويجهو ڳوٺ پٺاڻ مهر ۾ نامعلوم چور اسڪول مان 5 سولر پليٽون، پاڻي وارو موٽر، 5 پکا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا. يونيورسٽي آف چلڊرين نالي سان قائم اسڪول مان چور ڪلاسن جي دروازن جا تالا ٽوڙي پنج سولر پليٽون، پاڻي وارو موٽر، 5 پکا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا. هوڏانهن چوري واقعي خلاف شاگردن ۽ استادن احتجاج ڪندي دانهيو ته علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي. اسان کي چوري واپس ڪرائي ڏني وڃي. واقعو خانپور مهر ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور چوري واپس ڪرائي چورن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button