سنڌ

سياسي انارڪي نوجوانن کي ورهائي ڇڏيو آهي:ڊاڪٽر شهزاد احمد

شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ “ساھي” پاران ايف ايم ريڊيو ذريعي نوجوانن جو ترقيءَ ۾ ڪردار جي سري ھيٺ سيمينار ٿيو. سيمينار کي خطاب ڪندي بھاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر شھزاد احمد چيو تھ پاڪستان جي خوشقسمتي آھي جو ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آھي پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ سياسي انارڪي نوجوان طبقي کي مختلف حصن ۾ ورھائي ڇڏيو آھي. ھن چيو تھ نوجوان متحرڪ ھجڻ جو نالو آھي. ھنن وٽ سماج کي بدلائڻ لاءِ منفرد خيال آھن. هن چيو تھ يورپ ۾ تصور آهي ته پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پهرين پنهنجي قد جي ماپ کان وڌيڪ ڪتاب پڙهجن. شاهه لطيف يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر مجيب الرحمان ابڙو چيو تھ ملڪي ميڊيا سھپ ۽ برداشت کي ھٿي ڏيڻ بدران تشدد، نفرت آميز ٻولي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کي ھٿي ڏئي رھي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button