پاڪستان

سپريم ڪورٽ مارچ لاءِ تحفظ ڏي، نه ڏنو ته پوري تياري سان اسلام آباد اينداسين: عمران خان

پشاور: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ٻيهر مارچ لاءِ تحفظ نه ڏنو ته هن ڀيري پوري تياري سان اسلام آباد اينداسين، اسان ڪنهن سان به خراب لاڳاپا نٿا چاهيون، اسان ڪنهن جي به غلامي ڪرڻ نٿا چاهيون. پشاور ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن دوران خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ حڪومتون ڪرپشن جي الزامن تحت ختم ٿيون، اسان جي پهرين حڪومت آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي، جيڪو خط آمريڪا مان آيو، ان ۾ واضح طور تي ڌمڪي ڏني وئي. عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ وڪيلن کي قانون جي بالادتي کي قائم ڪرڻو آهي، اًڄ جيڪڏهن اوهان اسٽينڊ نه ورتو ته اوهان جا ٻار اوهان کي معاف نه ڪندا، سپريم ڪورٽ شريف خاندان جي ڪيسن جي پاڻ نگراني ڪري، مانيٽرنگ جج مقرر ڪري، جيڪڏهن وڏن واڳن، چورن ۽ ڦورن کي ناهي پڪڙڻو ته پوءِ جيلن جا دروازا کولي ڇڏيو، ظلم نه ڪريو، غريب چورن کي به آزاد ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button