اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جا ايم اين ايز استعيفائن جي تصديق لاءِ اسپيڪر وٽ طلب

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي استعيفائن جي تصديق لاءِ 6 جون 2022ع تي طلب ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبلي جي ترجمان ٻڌايو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبرن کي خط اماڻي ڇڏيا آهن ۽ استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبرن جو انگ 131 آهي. هن چيو ته استعيفائن جي تصديق جو عمل جمعي 10 جون تائين جاري رهندو ۽ روزانو جي بنياد تي استعيفيٰ ڏيندڙ 30 اسيمبلي ميمبر اسپيڪر سان ملاقات ڪندا ۽ هر ميمبر لا 5 منٽن جو وقت مقرر آهي. ترجمان مطابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبرن کي قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 43 (2) (بي) تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي خط جاري ڪيا. هوڏانهن پشاور ۾ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، ان حوالي سان فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪور ڪميٽي ۾ اسيمبلي ۾ وڃڻ يا نه وڃڻ تي گهڻو بحث ٿيو آهي، ڪور ڪميٽي ۾ في الحال اسيمبلي ۾ واپس نه وڃڻ جو فيصلو ٿيو آهي. هن چيو ته انفرادي استعيفيٰ منظور ڪرڻ بابت حڪومت سوچي رهي آهي، انفرادي استعيفائون قبول ڪيون ويون ته اسان عدالت سان رابطو ڪنداسين، ڇو ته اسان سڀني استعيفائون ڏنيون آهن، سڀني جون ئي قبول ٿيڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button