پاڪستانپنجاب

بليغ الرحمان پنجاب جي گورنر طور قسم کڻي ورتو

لاهور: صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان منظوري کانپوءِ محمد بليغ الرحمان پنجاب جي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي. حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ٿي جتي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس بليغ الرحمان کان قسم کڻايو. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز به شريڪ ڪئي. ان کان اڳ صدر عارف علوي محمد بليغ الرحمان جي پنجاب جي گورنر طور مقرري جي منظوري ڏني. صدر عارف علويءَ آئين جي آرٽيڪل 101 (1) تحت بليغ الرحمان جي پنجاب جي گورنر طور منظوري ڏني. وزيراعظم شهباز شريف بليغ الرحمان کي پنجاب جو گورنر بڻائڻ جي ٻي سمري هفتو اڳ صدر ڏانهن اماڻي هئي. ان کان اڳ 7 مئي تي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي مسلم ليگ ن سان تعلق رکندڙ بليغ الرحمان جو نالو پنجاب جي گورنر لاءِ صدر ڏانهن اماڻيو هو، پر صدر وزيراعظم جي اماڻيل سمري رد ڪري ڇڏي هئي. هوڏانهن ڪابينا ڊويزن بليغ الرحمان جي گورنر طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button