پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم لڳ حادثي ۾ سوشل ويلفيئر کاتي جو آفيسر فوت

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ويجهو روڊ حادثي ۾ سوشل ويلفيئر کاتي جو آفيسر فوت ٿي ويو، سندس ڀا سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٽنڊوآدم ويجهو ٽنڊوآدم_جهول روڊ تي ڳوٺ شير محمد ملوکاڻي ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ شير محمد ملوکاڻي واسي سوشل ويلفيئر کاتي ٽنڊوآدم جو آفيسر 45 ورهين جو منظور علي ملوکاڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀا بچل ملوکاڻي ۽ ٻئي موٽرسائيڪل تي سوار هري زخمي ٿي پيا، فوتي جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button