پاڪستانسنڌ

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي اسڪول ۾ تقريب، شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۾ سالياني امتحان جا نتيجا ظاهر ڪرڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ استادن، شاگردن ۽ سندن والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پوزيشن هولڊر شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ انعام ڏنا ويا. ان موقعي تي هيڊماستر عبدالحميد رند خطاب ڪندي چيو ته تقريب گهرائڻ جو مقصد شاگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي، اهڙي عمل سان شاگرد تعليم ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺن ٿا. هن چيو ته استاد شاگرد تي ڌيان ڏئي بهتر تعليم ڏيندو ته اهو شاگرد لازمي ڪنهن منزل تي پهچندو، استاد ڪلاس ۾ ٽائيم پاس ڪندو ته شاگرد جو مستقبل تباهه ٿيندو، استادن کي گهرجي ته اهڙي عمل کان پاسو ڪن. تقريب ۾ ايف اي ناصر، نديم فتح، عامر راهي، شمس العارفين، عدنان عباسي، گڊو ڀائي، ارشاد، عارف لوڌي، زاهد، حمادالحسن، حسنين عباس جعفري، اشرف ملڪ، هدايت علي، رميز راجا، منور ۽ ٻيا استاد موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button