اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجلي 4 رپيا مهانگي،18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي:نيپرا چيئرمين

اسلام آباد :نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي جي سربراهي ۾ نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ اپريل جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي درخواستن تي شنوائي ٿي، جنهن ۾ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين في يونٽ 4 رپيا 5 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي. ان تي نيپرا چيئرمين چيو ته اسان لاءِ صارف اهم آهي جيڪو مهانگي فيول جو شڪار ٿي رهيو آهي. نيپرا چيئرمين لوڊشيڊنگ تي ڳالهائيندي چيو ته 18-18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. اندازن تي ڪم نه ڪريو، پاور سسٽم مسئلي جو حل ڳوليو وڃي. شنوائي مڪمل ٿيڻ تي نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سي پي پي اي پاران ايف سي اي جي مد ۾ 4 روپيا 5 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي ۽ اپريل جي فيول پرائس ايجڊمسنيٽ جي واڌ 3 روپيا 99 پئسا في يونٽ بڻجندو. ان کان اڳ مارچ جو ايف سي اي صارفين کان 2 روپيا 86 پئسا في يونٽ چارج ڪيو ويو هو. اپريل جو ايف سي اي مارچ جي نسبت هڪ روپيو 13 پئسا جون ۾ وڌيڪ چارج ڪيو ويندو.نيپرا پاران جاري ڪيل بيان موجب ڊسڪوز جي درخواست تي بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ 3 روپيا 99 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. جيڪو ڪي اليڪٽرڪ کان علاوه سمورن صارفين تي لاڳو هوندو. نيپرا چيو آهي ته اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ کان پوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمت ۾ واڌ سان صارفين تي وڌيڪ 55 ارب روپين جو بار پوندو ۽ ايندڙ مهيني ۾ اهي وصوليون ڪيون وينديون. ذريعن موجب گذريل 3 چئن مهينن ۾ ڪوبه اهڙو مهينو نه هو جنهن ۾ صارفين مٿان بار نه وڌو ويو هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button