پاڪستانسنڌ

ڀتو نه ڏيڻ تان اسان تي اغوا جو الزام هنيو ويو آهي:سامارو جا رهواسي

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ مبينا طور اغوا ٿيل ٻن ڀائرن احمد خان ۽ نعيم خان پٺاڻ جي اغوا الزام هيٺ آيل سامارو واسي نواب خان ۽ گلاب خان پٺاڻ ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سليم خان پنهنجي پٽن جي اغوا جو ڪوڙو الزام اسان مٿان هڻي رهيو آهي، سليم وڏي عرصي کان شوروم تان ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، ڀتو نه ڏيڻ تي هن اغوا جو ڪوڙُ ڊرامو ڪيو آهي، جنهن کان پوليس جا عملدار به واقف آهن. احمد خان پٺاڻ پاڻ اغوائن، ڀتي ۽ فائرنگ جي 7 ڪيسن ۾ ملوث آهي. اسان سامارو ۽ آسپاس پورهيو ڪريون ٿا، ڀا جو ميرپورخاص ۾ گاڏين جو شوروم آهي. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ته اڻڌري جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button