اسلام آبادپاڪستان

ُُڀٽو جي قتل جي ٽرائيل تي صدارتي ريفرنڊم جو فيصلو ٿيڻ گهرجي:رباني

اسلام آباد: اڳوڻي چيئرمين سينيٽ ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته رياستي ادارا آئين جي ماتحت ۽ جوابدا آهن. سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪريون ٿا. هڪ بيان ۾ رضارباني چيو ته رياست پاران بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جي به مذمت ڪريون ٿا. ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل جي ٽرائيل تي صدارتي ريفرنڊم جو فيصلو ٿي وڃڻ گهرجي. سياسي ڪارڪن ناصر بلوچ، اويس ٽوٽي، اويس بيگ، عثمان غني کي موت جي سزا تي غور ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ان کي رياست پاران حقن جي ڀڃڪڙِ قرار ڏنو وڃي، جن سياسي ڪارڪنن کي جمهوري جدوجهد ۾ ڪوڙا هنيا ويا. هن چيو ته انهن جي جدوجهد کي تسليم ڪرڻ گهرجي، سياسي ڪارڪنن کي اغوا ڪيو ويو، مٿن تشدد ڪيو ويو. چادر ۽ چوديواري جي ڀڃڪڙِي ڪئي وئي. پي پي سينيٽر چيو ته سياسي عورت ڪارڪنن کي اڪيلائي ۾ قيد ڪيو ويو، جيڪڏهن رياست کي احساس آهي ته پوءِ بنيادي حقن کي پسنديده طبقن تائين محدود نه ڪيو وڃي. مفاهمتي ڪميشن متاثرن جي نشاندهي ڪري رياست پاران حقن جي ڀڃڪڙي کي تسليم ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button