ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه جي بلدياتي چونڊن ۾ ڀٽائٔي خاندان جي فردن ۾ دنگل وڌي ويو، پير آف ڀٽ شاھه سيد اعجاز شاھه لطيفي پاران قائٔم مقام سجاده نشين ۽ پي پي طرفان چيئٔرمين جي اميدوار سيد خاور حسين شاھه لطيفي سامھون اليڪشن وڙھڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. جڏھن ته اڳوڻو ٽائٔون چيئرمين ۽ پيرآف ڀٽ شاھه سيد فقير علي شاھه لطيفي به آزاد پئنل سان گڏجي ويو آھي، آزاد پئنل جي اميدوارن سيد گدا حسين لطيفي، سيد فقير علي شاھه، سيد اعجاز حسين شاهه لطيفي، سيد فدا حسين لطيفي ۽ سيد جراڙ لطيفي ۾ اھم ملاقات به ٿي آھي، جنھن ۾گڏيل طور تي پ پ اميدوارن کي شڪست ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ڀٽائٔي جي مشھور راڳي مرحوم سيد غلام شاھه لطيفي جي پٽ اعجاز شاھه لطيفي جي فيصلي بعد پيپلزپارٽي اميدوارن لا پريشانيون وڌڻ لڳيون آھن، سيد اعجاز شاھه لطيفي طرفان قائٔم مقام سجاده نشين سامھون اليڪشن وڙھڻ جي فيصلي بعد صورتحال وڌيڪ دلچسپ ٿي وئي آھي، پير آف ڀٽ شاھه سيد اعجاز شاھه لطيفي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھاڻي ڀٽ شاھه جي ماڻھن کي ڪنھن جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏينداسين ۽ پير آف ڀٽ شاھه سيد گدا حسين لطيفي جي پئنل سان گڏجي مخالفن کي شڪست ڏينداسين.