حيدرآباد: سنڌو درياءِ جي قدرتي وهڪري جي بحالي سنڌ ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف ڪالهه پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران گل سينٽر کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جو مرڪزي چيئرمين مهراڻ علي شاهه چيو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم مهاڻن، هارين ۽ ڊيلٽا جي ماڻهن جي هڪ وڏي سماجي تحريڪ آهي، جيڪا سمجهي ٿي ته سنڌو درياءِ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن جو جياپو آهي، هن چيو ته سنڌ اڄ ويران، رڻ وانگر لڳي رهيو آهي، اسان سنڌ واسين کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته پاڪستان جي رياست ۽ حڪمرانن سنڌو جي فطري وهڪري کي ڊيمن جي پويان قيد ڪري سنڌو درياءِ کي سڪائي موت ڪنڌي پهچائي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي، ان کانسواءِ سنڌو جي ڪناري ۽ ڊيلٽائي علائقن جي زراعت، مهاڻن ۽ تمر جا ٻيلا به تباهه ٿي ويا آهن، اهي سڀ مسئلا سنڌو جي مٿين علائقن ۾ ڊيم، ڪئنال ۽ بئراج ٺاهڻ ڪري پيدا ٿيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي سخت کوٽ جون نشانيون سنڌ صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏسي سگهن ٿيون، سنڌو درياءِ جي مٿائين وهڪري مان پاڻي جو وڏو مقدار پنجاب صوبي جي زراعت شهري استعمال لاءِ ڪتب آندو وڃي ۽ ٻيو نتيجي طور هيستائين سنڌو درياءِ جو وهڪرو جيڪو ڪڏهن درياءِ بادشاهه جي نالي سان سڃاڻو ويندو هو جيڪو سڪڙجي هينئر هڪ واهه جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته درياءِ جي حيثيت هڪ دٻي کان مٿي ناهي رهي، هن چيو ته سنڌو جي بحالي ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ خلاف اسان سڀني کي هڪ ئي آواز بلند ڪرڻ جي اشهد ضرورت آهي، جيڪڏهن هن وقت به اسان پنهنجي بي فڪري جي اگهور ننڊ مان سجاڳ نه ٿياسين ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن سڄي سنڌ ڀڙڀانگ ۽ ويران نظر اچڻ لڳندي. ان موقعي تي وائيس چيئرپرسن ياسمين شاهه، وائيس چيئرمين نورمحمد، رمضان ملاح، محمد ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءِ کي انساني ذات واري حيثيت وارو قانوني حق ڏنو وڃي، ڪوٽڙي کان هيٺ 35 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سنڌو درياءِ جي ماحوليات ۽ ڊيلٽا کي بچايو وڃي، سنڌو درياءِ تي ڪو به ڊيم نه اڏيو وڃي، سنڌ جي قدرتي ڌنڌن کي درياءِ مان پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي ڌنڌن جي ماحوليات ۽ انهن تي انحصار ڪندڙ لکين ماڻهن جي زندگي کي بچايو وڃي.