نئين دهلي: پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي تڪرارن بابت ٻن ڏينهن واريون ڳالهيون نئين دهلي ۾ ٿيون جنهن ۾ ٻنهي ملڪن پاڪستان ايندڙ دريائن ۾ ٻوڏ جو اڳواٽ اطلاع ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان جي طريقيڪار تي به اتفاق ڪيو. ايڪسپريس نيوز مطابق پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 1960ع ۾ ٿيل پاڻي جي ورڇ بابت معاهدي تحت ٻنهي ملڪن جي انڊس ڪمشنرن تي ٻڌل مستقل انڊس ڪميشن جو 118 هون اجلاس نئين دهلي ۾ ٿيو. ٻن ڏينهن واري اجلاس جي ٻئي ۽ آخري ڏينهن انڊس واٽر ڪميشن جي سالياني رپورٽ تي صحيحون ڪيون ويون آهن. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي مستقل انڊس واٽر ڪمشنر جي سيد مهر علي شاهه ڪئي جڏهن ته ساڻس گڏ موسميات کاتي، نيسپاڪ آبپاشي کاتي ۽ پرڏيهي وزارت جا نمائندا به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته ڀارتي وفد جي قيادت ۽ ميزباني ڀارتي انڊس ڪمشنر شري اي ڪي پال ڪئي. ڳالهيون خوشگوار ماحول ۾ ٿيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close