اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن تڪ بندين جي حوالي سان شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 342 مان گهٽجي 336 ٿي ويو آهي. اقليتن جون 10 ۽ عورتن جون 60 سيٽون برقرار رکيون ويون آهن. ڪالهه اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي صوبائي اسيمبلي جي سيٽن بابت ابتدائي حد بنديون جاري ڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل تفصيل موجب نئين تڪبندين موجب قومي اسيمبلي جي 272 جنرل سيٽن جو انگ گهٽجي 266 ٿي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي ڪل سيٽن جو پراڻو انگ 342 هو، جنهن مان هاڻ سيٽون گهٽجي 336 ٿي ويون آهن. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن موجب بلوچستان ۾ قومي اسيمبليءَ جي جنرل سيٽن جو انگ 14 مان وڌائي 16 ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ 35 جنرل سيٽن مان 10 وڌائي 45 ڪيو ويو، پنجاب ۾ 148 مان سيٽون گهٽائي 141 ٿي ويو. سنڌ ۾ 61 سيٽون برقرار رهيون آهن. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد لا 2 سيٽون هيون، جنهن مان هڪ سيٽ وڌائي وئي، جنهن بعد انگ 3 ٿي ويو آهي. جڏهن ته فاٽا جون 12 سيٽون ختم ڪيون ويون آهن. مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن جي تازي انگن اکرن موجب بلوچستان ۾ عورتن جي سيٽن جو انگ 3 مان وڌائي 4 ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخوا ۾ 8 مان وڌائي 10، پنجاب ۾ 35 مان گهٽائي 32 ۽ سنڌ ۾ 14 برقرار رکيون ويون آهن. ان کان علاوه اقليتي سيٽن جو انگ 10 ئي برقرار رکيو ويو آهي. اهڙي ريت نئين تڪبندين موجب قومي اسيمبلي جي ڪل سيٽن جو انگ 342 مان گهٽجي 336 ٿي ويو آهي. نون تڪبندين موجب بلوچستان ۾ صوبائي اسيمبلي جون 65 سيٽون هونديون، جن مان 51 جنرل سيٽون هونديون. خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ 145 مجموعي سيٽون ۽ 115 جنرل سيٽون هونديون. پنجاب اسيمبلي ۾ 371 ۽ 297 جنرل سيٽون هونديون. سنڌ صوبي جون مجموعي طور تي 168 سيٽون هونديون، جن مان 130 جنرل سيٽون آهن. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل تڪ جا ووٽر 30 جون تائين ابتدائي تڪ بندين تي اعتراض داخل ڪرائي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن پهرين جولاءِ کان 30 جولاءِ تائين اعتراضن تي فيصلو ڪندي. ياداشت نامي جي صورت ۾ اعتراض سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائڻا پوندا. اعتراضن جون 8 ڪاپيون ۽ نقشا اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻا پوندا. اليڪشن ڪميشن موجب حتمي تڪ بنديون آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ پڌريون ڪيون وينديون. اليڪشن ڪميشن تڪ بندين جي حوالي سان هينئر تائين ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته سمورا ڪم ميرٽ ۽ قانون موجب اليڪشن ڪميشن جي مقرر ڪيل شيڊول موجب مڪمل ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close