پاڪستان

وزيراعظم ترڪي پهچي ويو، هوائي اڏي تي شاندار آجيان

انقره: وزيراعظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي ترڪي پهچي ويو آهي. عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو آهي. وزير، خاص مددگار ۽ اعليٰ سطحي حڪومتي وفد به ساڻس گڏ ترڪي پهتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف کي ايسن بوعا ايئرپورٽ انقره تي ترڪي جي دفاع واري وزير ۽ ٻين اختيارين وزيراعظم ۽ وفد جو شاندار استقبال ڪيو. انقره هوائي اڏي تي وزيراعظم شهباز شريف کي ترڪ فوج جي جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. دوري ۾ وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر نويڪلائي ۾ ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم ۽ ترڪ صدر ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪندا. ان کان علاوه پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پڻ ٿينديون جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي ڪاروباري ماڻهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button