سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سڪرنڊ پاران ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ جي 15 وارڊن تي ن ليگ، پي ٽي آئي سان اتحاد ڪري گڏيل اميدوارن جو اعلان ڪريو ڇڏيو. اجلاس ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ، شهمير جمالي، مسلم ليگ ن جي امجد خانزاده، پي ٽي آئي جي امير گل رند شرڪت ڪئي، جنهن ۾ شهر جي 15 وارڊن تي اميدوارن جو اعلان ڪيو ويو. جنهن ۾ وارڊ نمبر 1 تي ايس يو پي جو همت خاصخيلي، وارڊ 2 تي پرويز سومرو، وارڊ 3 تي پي ٽي آ جو راشد علي کهڙو، وارڊ 4 تي ايس يو پي جي لطف علي ملاح، وارڊ نمبر 5 تي پي ٽي آ جو ڪامل رند، وارڊ 6 تي ايس يو پي جو حاجي ڪيريو، وارڊ 7 تي ايس يو پي جو ڌڻي بخش کوکر، وارڊ نمبر 8 تي ايس يو پي جو غلام مصطفيٰ ، وارڊ نمبر 9 تي ايس يو پي جو شوڪت حسين ميمڻ، وارڊ نمبر 10 تي پي ٽي آ جو راجيش ڪمار، وارڊ 11 تي مسلم ليگ ن جو امجد خانزاده، وارڊ 12 لياقت خانزاده، وارڊ 13 تي خالد ملاح، وارڊ 14 تي پي ٽي آ جو غلام مصطفيٰ جلالاڻي، وارڊ 15 تي محبوب شاهه شامل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close