ڪنڊيارو ڀرسان بکري ٿاڻي جي حد ڳوٺ مصري خان سامٽيو ۾ نامعلوم هٿياربندن زمين تي پاڻي وهائڻ لا ويل نوجوان صابن سامٽيو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي ڊي ايس پي ڪمالديرو جي اڳواڻي ۾ بکري پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ڪنڊيارو پهچايو. ان ڏس ۾ مقتول جي مامي بخت علي سامٽيو ٻڌايو ته منهنجو ڀاڻج زمين تي پاڻي وهائڻ لا ويل هو ته هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي. اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب قتل واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. وارث جنهن تي ڪيس داخل ڪرائيندا، انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close