خيرپور ۾ دھشتگردي ٽوڙ ڪورٽ جي جج انعام علي ملڪ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار غلام فريد چانڊيو کي 2 ڀيرا عمر قيد ۽ 3 لک 40 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو. جوابدار ڏنڊ جي رقم مان اڍائي لک رپيا فوتي جي وارثن کي ادا ڪندو. ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ 22 مھينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. 9 سال اڳ خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار غلام فريد چانڊيو پنهنجي ساٿين سان گڏجي پسٽل جا فائر ڪري شاھنواز ڪٽوهر کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close