پاڪستان

پاڪستان ۽ ترڪي ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، واپار 5 ارب ڊالرن تائين وڌايو ويندو: وزيراعظم

انقره: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي دوستي لازوال آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ واپار کي ايندڙ ٽن سالن تائين 5 ارب ڊالرن تائين وڌايو ويندو. اهڙو اظهار هن انقره ۾ پاڪ ترڪ بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ترڪ سيڙپڪارن کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان طرفان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو، پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته ترڪ ڀائرن جي ويزا جي مسئلي کي حل ڪيو ويندو ۽ هوائي اڏي تي انهن کي ويزا تي ٺپو هڻي ڏنو ويندو. هن چيو ته ترڪي جي سيڙپڪارن سان سهڪار نه ڪرڻ واري رويي تي شرمسار آهيان ۽ ان تي معذرت ڪريان ٿو. هن چيو ته ترڪي زندگي جي هر شعبي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ پنهنجي ايڪسپورٽ کي 270 ارب ڊالرن کان وڌائي ڇڏيو اٿس، وچ اوڀر، آفريقا ۽ ٻين هنڌن تي ترڪي تمام سٺا پراجيڪٽ اڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button