لاڙڪاڻي جي حماد ڪالوني جي رهواسي نوجوان مبينا ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان اويس عباسي دانهيندي چيو ته دڙي ٿاڻي جي حد نيو ٽئنڪ چوڪ وٽ ٻن هٿياربند ڦورن مونکان موٽرسائيڪل، 10 هزار روڪ ۽ موبائيل فون ڦري ويا. ڪيس حد جي دڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس هن وقت تائين ڦورن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڦر ڪندڙ ڦورن خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close