قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي 104 ٽيسٽ پاس جي ايس ٽيز کان ايڇ ايس ٽيز پروموشن ماڻيندڙ استادن طرفان گسٽا ضلعي صدر جي ناانصافين ۽ تعليم دشمن پاليسن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻُو هنيو. ان موقعي تي عزير احمد چچو، عبدالسلام لاشاري، وحيد چانڊيو، منير ڪانڌڙو، قربان مگسي سميت ٻين چيو ته تازو 104 ٽيسٽ پاس جي ايس ٽيز کي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ڏئي استادن جو پراڻو مطالبو تعليم کاتي منظور ڪندي اهم قدم کنيو. هنن چيو ته ضلعي صدر جواد سومرو تا ۾ اچي استاد دشمني تي لهي آيو آهي ته جيئن ضلعي ۾ استاد ترقيون ماڻي نه سگهن ۽ نه وري آ بي اي پاس اميدوار روزگار سان لڳي سگهن هنن چيو ته گسٽا ضلعي صدر پاران تعلقه وارهه جي صدر ذڪاء الله ابڙو ۽ مختلف تعلقن جي استادن کي شوڪاز نوٽيس ڏئي هڪ شرمناڪ عمل ڪيو آهي، هنن تعليم کاتي وزير کي اپيل ڪئي ته پروموٽ ٿيل ايڇ ايس ٽي استادن کي جوائننگ ڏئي ذهني ۽ معاشي پريشاني کان بچايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close