پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ 2 مور بيماري وگهي مري ويا، 3 بيمار

سنڌڙي: سنڌڙي ۾ مورن اندر بيماري پکڙجي وئي، جنهن سبب 2مور مري ويا، ڪيترائي بيمار بيٺل آهن. سنڌڙي تعلقي ۾ مورن اندر بيماري پکڙجي وئي آهي، جنهن بعد 2 مور مري ويا ۽ ڪيترائي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڳوٺ نبن خان شر ۾ عبدالستار جو مور ۽ ڳوٺ فقير عبدالڪريم شر ۾ ڪاشف عزيز جو مور بيماري وگھي مري ويا، وڌيڪ 3 مور بيماري جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن، هوڏانهن وائلڊ لائف کاتو اگھور ننڊ ۾ ستل آھي. ڳوٺاڻن ڪاشف، فيصل ۽ شاھه گل الزام هڻندي چيو ته وائلڊ لائف ميرپورخاص جي ٽيم اڄ صبح ڳوٺ عبدالڪريم شر پھچي مورن کي بيماري کان بچائڻ لا وئڪسين ڪئي، جنھن بعد مور مرڻ لڳا آھن. هنن چيو ته اسان جا قيمتي مور مري رهيا آھن ۽ وڌيڪ 3 مور بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، پر وائلڊ لائف کاتي ڪي به جوڳا اپا ناهن ورتا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button