اسلام آباد :ملڪ ۾ مئي دوران مهانگائي جي شرح اٽڪل اڍائي سالن جي بلند ترين سطح تي 13 ڏهائي 76 سيڪڙو تائين پهچي وئي. ڳڻپ واري اداري جي انگن اکرن مطابق چرپر ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. اپريل ۾ مهانگائي جي شرح 13 ڏهائي 37 ٿي وئي هئي، جنهن ۾ مئي دوران مهينيوار بنيادن تي ٻڙي ڏهائي 44 سيڪڙو وڌيڪ واڌ ٿي. هي جنوري 2020 کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ڪنزيومر پرائس انڊيڪس جي مهانگائي آهي، ان وقت ناڻي واڌ 14 ڏهائي 6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. پي بي ايس مطابق شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 12 ڏهائي 36 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 15 ڏهائي 88 سيڪڙو واڌ ٿي. مهانگائي ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٽرانسپورٽ جي ڪري ٿيو، جنهن جا اگهه 31 ڏهائي 77 سيڪڙو وڌيا. ان کانپوءِ خوراڪ جي قيمتن ۾ 17 ڏهائي 25 سيڪڙو واڌ ٿي. ڳڻپ واري اداري جي انگن اکرن مطابق خراب ٿيندڙ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 26 ڏهائي 37 سيڪڙو ۽ نه خراب ٿيندڙ شين جي قيمتن ۾ 15 ڏهائي 94 سيڪڙو واڌ ٿي. جن شين جي قيمتن ۾ ٻٽي نمبر جو اضافو ڏٺو ويو، انهن ۾ فرنشنگ ۽ گهريلو سارسنڀال وارو سامان، ريسٽورنٽس ۽ هوٽل، تفريح ۽ ثقافت، ڪپڙا ۽ جوتا سميت ٻيا شامل آهن. شهري علائقن ۾ بصر 36 ڏهائي 17 سيڪڙو، چڪن 16 ڏهائي 89 سيڪڙو، آنا 13 ڏهائي 7 سيڪڙو، اٽو 10 ڏهائي 51 سيڪڙو، بيسڻ 6 ڏهائي 68 سيڪڙو، دال مسور 5 ڏهائي 96 سيڪڙو، چانور، 3 ڏهائي 40 سيڪڙو، دال ماش 2 ڏهائي 43 سيڪڙو، ڪڻڪ 2 ڏهائي 06 سيڪڙو، سرنهن جو تيل هڪ ڏهائي 93 سيڪڙو مهانگو ٿيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ناڻي واڌ ۾ اضافي جو بنيادي سبب شين جي بين الاقوامي قيمتن ۾ اضافو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close