سنڌ جي ڳوٺن کي ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سولر بجلي جي فراهمي جي منصوبي جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس ڪالهه سنڌ جي توانائي کاتي واري وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ سنڌ جي توانائي کاتي جي آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ورلڊ بينڪ جي نمائندن آفيسرن Nablin, Reja Amatya ۽ Oliver Knight وڊيو لنڪ تي موجود هئا، جڏهن ته سيڪريٽري توانائي سنڌ ابوبڪر مدني، ڊائريڪٽر سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ ورلڊ بينڪ جي آفيسرن سنڌ جي ڳوٺن کي سستي ۽ ماحول دوست سولر بجلي جي فراهمي لاءِ پنهنجي مطالعي جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته سنڌ ۾ سولر توانائي جي ڀرپور وسيلن جي ڪري هتي سولر بجلي جي ذريعي ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪرڻ هتان جي صارفين لاءِ سڀ کان وڌيڪ سستو ۽ آسان طريقو ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي وزير تواناني سنڌ امتياز احمد شيخ چيو ته هن پراجيڪٽ کي شروعات ۾ پائلٽ پراجيڪٽ جي حيثيت سان آزمايو وڃي ۽ ڪاميابي جي صورت ۾ پوري صوبي ۾ هن منصوبي جي توسيع لاءِ هڪ جڙيل پروگرام ٺاهيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر سان گڏ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پڻ ڪري سگهجي ٿي ته جيئن صوبي جي عوام کي سستي، گهٽ خرچ ۽ ماحول دوست بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close