ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ چوڙيو ۾ 12 سالن جي ڇوڪري ما کان ناراض ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي. 12 سالن جي وختو ڌي لڇمڻ ڪولھي جو گهر جي لانڍي ۾ ڦاهو کاڌل لاش مليو. واقعي جو اطلاع ننگرپارڪر پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ۽ نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته نينگري کي سندس ماء چيو ته آئون ڳورهاري آهيان، کوھه تان پاڻي ڀري نٿي سگھان، تون پيئڻ لا پاڻي ڀري اچ، جنهن تي نينگري انڪار ڪيو، جنهن تان ما کيس دڙڪا ڏنا ته هن انتهائي قدم کنيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close