پاڪستانسنڌ

ببلي کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ جو مڙس اعتراف ڪيو آهي: ايس ايڇ او

سن: سن ڪجهھ ڏينھن پهرين مڙس ذوالفقار جسڪاڻي ھٿان قتل ٿيل ببلي جسڪاڻي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ساجد ڳنڀير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 27 مئي صبح جو منور جسڪاڻي جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهتاسين ته ببلي جو لاش پيل هو، جنهن بعد جاچ ڪئي ته خبر پئي ته ببلي کي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار ذوالفقار جسڪاڻي پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته مون پنهنجي زال کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي، ببلي جسڪاڻي جي ڀائرن جي فرياد تي ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button