ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو ۾ ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، ھڪ عورت سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، خبر موجب ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر 8 نئون آباد جي رھواسين ميگھواڙ برداري جي سڳن سئوٽن جو پاڻ ۾ پلاٽ جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو.
جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا ھڪ عورت ھنو ٻائي سميت 9 ڄڻا کمون، ڀورو، والم، پرديپ، آلو، ويرسي، کيمون، ميوو ميگھواڙ زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٽنڊوباگو ٿاڻي جي پوليس موجب ٻنهي ڌرين ٿاڻي تي ھڪٻئي خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.