پاڪستانسنڌ

ڪئنال کولي پنجاب جون زمينون آباد ڪيون پيون وڃن: زين شاهه

سن: سن ۾ ايس يوپي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه، روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور جي اڳواڻي ۾ سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن کان پو دريا واري بنگلي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جيڪو پاڻي جي کوٽ وارو مسئٔلو آهي، ان تي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاھه خاموش آهي، حڪومت بلدياتي اليڪشن صاف شفاف نه ٿي ڪرائٔي سگھي، نواب شاھه ۽ ٻين شھرن ۾ اسان جي اميدوارن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، انهن جا فارم رد ڪيا وڃن ٿا ۽ آر اوز پيپلز پارٽي جي جلسن جلوسن ۾ پيپلز پارٽي جا جھنڊا کڻي ھلن ٿا، انهن کي مقرر ڪيو ويو آهي. اسان گھر ڪيون ٿا ته صاف شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي نه ته اسان عدالت جو در کڙڪائنداسين. جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ ۾ جڏهن پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي ته پنجاب ڀائيوار ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، پر غلط انگ اکر ڏئي به سنڌو درياءَ مان ٻه ڪينال چشما ڪينال ۽ تونسا ڪينال کولي پنجاب جون زمينون آباد ڪيون پيون وڃن، ٽريڪٽر مارچ ڍونگ ڪيو هو، هنن سنڌ سان دوکو ڪري سنڌ جون زمينون سڪائي بنجر بڻايون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button