ڦلجي اسٽيشن: پيارو اسٽيشن ۾ بگا موري ۽ راهوجا شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار ڀائي خان برھماڻي، پير مٺل، عبدالمجيد چانڊيو، حاجي شوڪت علي آرائين، علي احمد چانڊيو، اڪبر برھماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. هنن دانهيو ته زرعي پاڻي سميت پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي، شاخن ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آھي، دادو ڪئنال وھي اچڻ باوجود اسان جي راھوجا شاخ ۾ پاڻي نٿو ڇوڙ ڪيو وڃي، اسان جو پوکيل ڪمند سڙي رهيو آھي، پر ڪنهن جي ڪن تي جون به نٿي چري. هنن وڌيڪ چيو ته پ پ اڳواڻ ناني ويڙھو ڪري ننڍن آبادگارن جون زمينون بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي، جڏهن ته بااثرن جي شاخن ۾ پاڻي ھلي رهيو آھي ۽ هو پنهنجو زمينون آباد ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته راهوجا شاخ سميت ضلع جي سمورن شاخن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرائي آبادگارن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close