انقرا : وزيراعظم شهباز شريف ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سرمايو لڳائڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ترڪ سيڙپڪار پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن. ترڪ سيڙپڪار ان مان فائدو وٺن، حڪومت هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ جديد مهارتن کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي. اربع تي انقرا ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ترڪي سان پراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ترڪي پاڪستان جي ٻئي گهر جهڙو آهي ۽ اسان ترڪي جي دشمن کي پاڪستان جو دشمن سمجهون ٿا. شهباز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، هلندڙ سال ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپن جي 75 سالگرهه ملهائي رهيا آهن ۽ پاڪستان ترڪي سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي قيادت، عوام ۽ فوج گهري ويجهڙائي جي رشتي ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت وچ ۾ ايندڙ ملاقات سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندي، اسان ترڪ صدر جي پاڪستان دوري جي انتظار ۾ آهيون. شهباز شريف شانائتي آڌرڀاءَ تي ميزبانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ترڪ صدر سان ڳالهيون ۽ ملاقات انتهائي هاڪاري رهي، ان سان سستي بجلي جي فراهمي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن ۾ واپار، سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪارائتيون ڳالهيون ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته مختلف شعبن ۾ ترڪي جي تجربن مان فائدو کڻنداسين، پاڪستاني عوام ڪشمير مسئلي تي ترڪي جي واضح موقف تي ٿورائتو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي حقن جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جو به خواهشمند آهي. بزنس ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گهاٽو رشتو قائم آهي ۽ ٻئي ملڪ دوستي جي مضبوط ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن. ترڪ عوام زلزلو، ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان تعاون ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل رات ترڪ واپارين سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جا موقعا موجود آهن. ترڪ سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي قدر جي نظر سان ڏسون ٿا. وزيراعظم چيو ته پن بجلي مان 40 هزار ميگاواٽ بجلي تيار ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، ترڪ سيڙپڪارن کي انهن مان فائدو وٺڻ گهرجي. آئي ٽي جي شعبي ۾ بيشمار موقعا موجود آهن. وزيراعظم ترڪ ڪمپنين کي پاڪستانين ڪمپنين سان گڏيل منصوبن جي تجويز به ڏني ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي رستي ۾ سموريون رنڊڪون هٽائيندي ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، واپار وارو وزير نويد قمر ۽ چوڌري سالڪ حسين سميت پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به موجود هئا. ٻئي طرف وزيراعظم شهبازشريف سان ترڪ پرڏيهي وزير ميو ليودچائوش اولو سان به ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي اعليٰ قيادت شريڪ ٿي. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ان کان اڳ گذريل رات وزيراعطم ترڪي جي يونين آف چيمبرز اينڊ ڪموڊٽي ايڪسچينجز (ٽي اوبي بي) جي اهتمام هيٺ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي ڀائيواري وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري ايندڙ ٽن سالن دوران واپار ۾ پنج ارب ڊالر کان وڌيڪ جي اضافي جو حدف مقرر ڪري، اهو حدف حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت هر ضروري قدم کڻندي. وزيراعظم جي آجيان ڪندي يونين آف چيمبرز جي صدر رفعت حسار سڪ ليوگلو ترڪي جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن طرفان پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مضبوط بنائڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي قيادت ۾ ترڪي جي ترقي کي ساراهيو. جڏهن ته شهبازشريف ترڪي جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سهولتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي. هن ترڪي جي ڪمپنين کي فوڊ پروسيسنگ، زراعت، آٽوموٽو، آئي ٽي، پن بجلي، سولر ۽ونڊ انرجي سميت مختلف شعبن ۾ سرمايو لڳائڻ جي دعوت ڏني.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close