سنڌ

لاڙڪاڻي مان 2 مهينا اڳ گم ٿيل نينگر جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي نيو مراد واهڻ پاڙي مان 2 مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿيل 4 سالن جي نينگر جواد علي ترڪ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ سندس وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نينگر جي پيءُ زاهد حسين ترڪ پنهنجي ساٿي پورهيتن نعمت الله ڀٽو، رشيد سومرو، سردار بليدي، عامر جويو، اختر علي ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته منهنجو پٽ جواد علي گذريل 23 مارچ تي 4 وڳي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو جنهن کي لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ دڙي پوليس کي شڪايت ڪئي پر پوليس پٽ جو پتو نه لڳائي سگهي، شڪ آهي ته پٽ کي ڪنهن اغوا ڪري لڪائي ڇڏيو آهي، سندس گم ٿيڻ بعد اسين سمورا گهر ڀاتي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري کيس بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button