لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي جي رهواسي چانڊڪا اسپتال جي ملازم دوست سان گڏجي هٿ ۾ بجلي جو بل کڻي سيپڪو عملدارن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ملازم زاهد حسين گاد پنهنجي دوست محمد خان کوسو سان گڏجي دانهيندي الزام هنيو ته ميٽر ريڊر نور نبي کوسو رشوت نه ڏيڻ تان هر مهيني مون ڏانهن ڊٽيڪشن بل موڪلي رهيو آهي، اهڙيون شڪايتون واپڊا عملدارن سان ڪيون آهن پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ٿيو. هن چيو ته مان سي ايم سي جو ننڍو ملازم آهيان، گهر ۾ پکن ۽ بلبن کانسوا ٻيو ڪجهه ناهي پر تنهن باوجود ميٽر ريڊر نور نبي کوسو هن مهيني جو بل 31 هزار کان به وڌيڪ جو موڪليو آهي، جيڪو مان غريب ڪٿان ادا ڪري سگهندس، جنهن لاءِ سيپڪو عملدارن کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي ميٽر ريڊر نور نبي کوسو کان سخت پڇاڻو ڪرڻ سان گڏ موڪليل بل معاف ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close