اڳڙا ڀرسان ڳوٺ محمد لائق پنهور ۾ سڱاوتي تان جوابدار حملو ڪري ٻن ٻارڙن 2 سالن جي تنجينه خاتون ۽ هڪ سال جي ارسلان کي سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. نوجوان ادريس پنهور چيو ته برادري جي ماڻهن سان سڱاوتي تان پراڻو معاملو هلندڙ آهي، پنهنجن ٻارڙن 2 سالن جي تنجينه خاتون ۽ هڪ سال جي ارسلان علي کي جوس وٺي ڏيڻ لا دڪان تي آيس ته جوابدار امير علي پنهور سروٽن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ٻارڙا زخمي ٿي پيا، جنهن جي بهارو ٿاڻي تي 5 جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا تيار نه آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close