سنڌ

ساهرن جي مبينا تشدد ۾ زخمي نوجوان ڪراچي ۾ فوت

هنڱورجا واسي نوجوان رياض حسين ولد خدابخش ڪوري تشدد ۾ هڪ هفتو اڳ زخمي ٿي پيو هو، جيڪو ڪالهه جناح اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جي والد پيرسن خدا بخش ڪوري الزام لڳايو آھي ته ڪجھه مهينا اڳ پٽ رياض ڪراچي جي رهواسڻ فريده قريشي سان پسند جو پرڻو ڪيو، هفتو اڳ ڇوڪريءَ جي پيءُ زبير، ڀائرن ذيشان، ذاڪر قريشي ٻين گڏجي منهنجي پٽ مٿان تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو ھو، جنھن کي جناح اسپتال داخل ڪرايو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سھندي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. خدا بخش چيو ته ظالمن وڏو ظلم ڪيو آھي، پٽ کي تشدد ڪري قتل ڪيو آھي، هن انصاف جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button