پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ تاريخي قبرستان تي قبضي ۽ گندو پاڻي ڇڏڻ خلاف احتجاج

ڪڪڙ: ڪڪڙ ۾ تاريخي قبرستان ڏاڏو مراد شاهه تي قبضي ۽ گندي پاڻي جو نيڪال ڪري بيحرمتي ڪرڻ خلاف ايم يوسف منگي، پرويز نظير منگي، محمد مٺل منگي، جان محمد، سجاد حسين منگي ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته شهر جي تاريخي قبرستان تي بااثر پوليس اهلڪار شبير شاهه وردي جي ڏاڍ تي قبضو ڪري گندو پاڻي قبرستان ۾ ڇڏي ڏنو آهي، گندي پاڻي جي نيڪال سبب قبرن جي حرمتي سان گڏ بدبو ڦهلجي وئي آھي، مٿان وري قبرون مسمار ڪري قبضا پڻ ڪيا ويا آھن. اسين ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته بااثر جي زيادتين جو نوٽيس وٺي قبرستانن تان قبضا ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button