اسلام آبادپاڪستان

سنڌ کي ڀاشا تي اعتراض ناهي،ڪالاباغ ڊيم بابت ڪو سبب هوندو:خورشيد شاهه

اسلام آباد : پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو سياسي ٿي ويو آهي. سنڌ کي داسو ۽ ڀاشا ڊيمن تي اعتراض نه آهي ته ڪالاباغ ڊيم تي اعتراض جو ڪو سبب هوندو. جيڪڏهن هي حڪومت استحڪام سان هلي ٿي ته ايندڙ 15 سالن ۾ قرض ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي تربيلا 5 توسيع منصوبي جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي آهي پر شروع کان اڄ تائين استحڪام ناهي رهيو. 1974 کان پوءِ ڪنهن حڪومت جي پاليسي مسلسل ناهي هلي. پاڻي جي مسئلن تي ڪابينا ۾ به بحث ٿيو آهي، وڌيڪ به مسئلا رکندس. هن چيو ته 2025 تائين به هي منصوبو مڪمل ٿي وڃي ٿو ته اسان خوش نصيب هونداسين. خورشيد شاهه چيو ته ارسا سان ڳالهائينداسين، صوبن کي پاڻي جي ضرورت آهي. ماحولياتي تبديلين سبب تمام گهڻو فرق پئجي رهيو آهي. خطرو آهي ته هاڻي ڪٿي 2010 جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. ڪنهن ٽنل کي بند ناهي ڪيو ويو، پاڻي جي صورتحال ايندڙ ڏينهن ۾ بهتر ٿي ويندي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو سياسي ٿي ويو آهي، ڊيم ٺاهڻ درست عمل آهي پر عمل لاءِ قدم ضروري آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button