اسلام آباد :وفاقي وزير شازيا عطا مري چيو آهي ته عمران خان نيوڪيلئر پروگرام خلاف ڳالهيون ڪري پاڪستان جي وجود کي چئلينج ڪيو آهي ۽ عمران خان جي ڪرسي کسجڻ سان هو ذهني توازن وڃائي چڪو آهي. جڏهن ته ادارا آئين جي حدن جو احترام ڪن ٿا. عمران خان ادارن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هو پاڪستان لاءِ خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيصل ڪريم ڪنڊي، افضل چن ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، جڏهن ته عمران خان چوي ٿو ته مان آهيان ته پاڪستان ۽ ادارا آهن. شازيا مري چيو ته عمران خان جو تازو بيان سنگين نوعيت جو آهي جنهن جي هر پاسي کان مذمت اچي رهي آهي. هي بيان پاڪستان جي خلاف سازش آهي. هن چيو ته ڪڏهن هو فرح گوگي کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو، ڪڏهن جن کان فيض ورتو، ان جي مفاد جي ڳالهه ڪري ٿو. عمران خان اهڙو بيان ڏنو ته هو حد ڪراس ڪري ويا آهن. سندس چوڻ هو ته هڪ عرصي کان عمران خان ملڪي ادارن کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي. شازيا عطا مري مهانگائي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ڪري پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ۽ حڪومت ماڻهن لاءِ 28 ارب رپين جو رليف پئڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو ته عوام کي 28 ارب جي رليف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ڏنو پيو وڃي ۽ 6 ملين وڌيڪ ماڻهن کي هن رليف پئڪيج ۾ شامل ڪنداسين ڇو ته مهانگائي وڌي چڪي آهي ۽ غريب سڌي طرح متاثر آهن. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۽ پارليامينٽ ۾ به عمران خان جي بيان تي ڳالهايو ويندو ۽ اليڪشن ڪميشن جي چونڊ جي حوالي سان آئين ۾ رول واضح آهي. فوج محسوس ڪري رهي آهي ته ان تي تنقيد ٿي رهي آهي ۽ فوج پاڻ چوي ٿي ته اسان جو سياست ۾ نه وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close