پاڪستانسنڌ

پيرولاشاري لڳ مورجهر شاخ کي 20 فوٽ کان مٿي گهارو، سوين ايڪڙ پاڻي هيٺ

پيرولاشاري: پيرولاشاري لڳ مورجهر شاخ کي ڳوٺ مٺوٻٻر ڀرسان 21 آر ڊي وٽ 20 فوٽ کان مٿي گهارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، گهاري پوڻ جو اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملو گهاري واري ھنڌ نه پهچي سگهيو، گهارو تيزي سان وڌڻ لڳو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ ڪري گهاري ٻڌڻ ۾ مصروف رهيا پر گھارو بند نه ٿي سگهيو هو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته ھڪ ته پاڻي جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي 6 مھينن کان پاڻي ناهي مليو، مس پاڻي جو وارو مليو آھي، ٻيو ته آبپاشي کاتي وارن شاخن جي ڪپرن تان مٽي وڪرو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري شاخن کي گھارا لڳڻ معمول بڻيل آهن. ھنن ٻڌايو ته آبپاشي عملي کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ڳوٺاڻن اعلى عملدارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته مورجھر شاخ جي کاٽي ڪرائي ڪپر مضبوط ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button